اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته آئنده سمورا ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندا، حڪومت سياسي ص??رتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي، قومي سلامتي کان به اهم معاشي سيڪيورٽي آهي، جيڪڏهن ملڪ جي معاشي سيڪيورٽي نه هوندي ته ملڪ معاشي طور تي مضبوط نه هوندو ته ق??مي سلامتي ۽ دفاعي سلامتي کي به خطرو هوندو، هن وقت سوات ۾ افغانستان جي ڪري ص??رتحال خراب ٿي، ان تي ضابطو آندو ويندو، پاڪستان ۾ امن لاءِ افغانستان ۾ امن هجڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن عرب نيوز جي سالياني ڪانفرنس 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته سعودي عرب ۾ ڪجهه عرصي کان ڪيتريون ئي تبديليون خاص طور تي محمد بن سليمان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آيون آهن. هن چيو ته سعودي عرب ۾ آيل تبديلين ۾ مي??يا اهم ڪردار ادا ڪيو، تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان گڏوگڏ مي??يا ۾ به تبديليون آيون، پرنٽ کانپوءِ ٽي تي ۽ هاڻي ڊجيٽل مي??يا جو دور آهي، مي??يا سدائين سوسائٽي جي تڪميل لاءِ ڪردار ادا ڪيو. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ به مي??يا وڏي ترقي ڪئي آهي، موجوده حالتن ۾ مي??يا کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ دهشتگردي جا مسئلا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آهن، خيبرپختونخوا ۾ سياسي ص??رتحال سبب سوات ۽ ٻين اترين علائقن ۾ صورتحال خراب ٿي، وفاقي حڪومت صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جو يوڪرين جي جنگ ۾ ڪو به ڪردار نه آهي، پاڪستان ڪنهن جي جنگ ۾ شامل نه آهي، اسان جي دلچسپي ته اها آهي ته امن هجي ۽ گڏيل قومن جي قانونن تي عمل ٿئي. اسان آمريڪا لاءِ جنگيون وڙهيون، آمريڪا سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پرڏ??هي وزير ۽ آرمي چيف آمريڪا جا دورا ڪيا جيڪي مثبت رهيا آهن.