دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم برساتن جي نئين سلسلي جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف قطر مان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي. وز??راعظم اين ڊي ايم اي سميت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن ک?? گڏيل حصيداري سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وز??راعظم چيو آهي ته برساتن جو مسلسل سلسلو ٻوڏ جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻوڏ سبب ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، انهن جي مدد اسان سڀني جو فرض آهي، قدرتي آفت جو شڪار علائ??ن ۾ بحالي هڪ تمام وڏو ڪم آهي، اهو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وز??راعظم اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين، سرندي وارن ادارن ۽ تنظيمن ک?? متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.