اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان ۾ جاري چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڏس ۾ جرمني، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جو سرڪاري دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پ??ران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير يورپ سان پ??ڪستان جي مسلسل رابطن جي حصي طور انهن ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ۽ ٻ??ن سرڪاري عهديدارن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جا منتظر آهن. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بابت ملڪن جي گادي وارن شهرن جي دورن کي ميزبان حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ گڏيل اتفاق سان طئ?? ٿيل تاريخن تي ٻيهر جوڙيو ويندو.