اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگردن ?? شاگردياڻين جي وفد ??لاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاگردن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ وفد ??زيراعظم سان ملڪي معيشت، آءِ ايم ايف، زراعت، صنعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان سوال پڇيا. وزيراعظم وفد جي ڪشمير، پاڪستان جي خطي ۾ پائيدار امن ۾ ڪردار ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان سوالن جا جواب ڏنا. وفد حڪومت ۽ پاڪستانين جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿ??را مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خاص معاونين احد چيما، سيد فهد حسين، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.