چڪوال – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي 75 هين جشن آزادي جي ڏه??ڙي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي جي موقعي تي ضلعي انتظاميا ٽن ڏينهن جي شاندار تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آزادي جي ڏه??ڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جون اهي تقريبون 12 کان 14 آگسٽ تائين ٽي ڏينهن جاري رهندون ۽ انهن تقريبن جي شروعات سڄي ضلعي ۾ 12 آگسٽ کان مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ پاڪستان جي بقاءَ ۽ سلامتي ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون ۽ 12 آگسٽ تي جشن آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو. اها ڳالهه اي ڊي سي روينيو ت??وي?? مرتضيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌائي وئي جنهن ۾ اي ڊي سي جي اشعر اقبال، اي ڊي سي فنانس مجاهد عباس ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي آفيسرن ۽ چڪوال آرٽس ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اي ڊي سي روينيو ت??وي?? مرتضيٰ چيو ته پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ شهر جي ڪميٽي باغ ۾ 12 کان 14 آگسٽ مينا بازار/ فيملي فيسٽيول، اهڙي طرح ٽن ڏينهن ??ار?? تقريبن دوران تصويري نمائش، جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ وڻڪاري جي تقريبن، خوبصورت چراغان ۽ عمارتن جي سجاوٽ ڪئي ويندي. 13 آگسٽ تي رات 9 وڳي دلڪش آتشبازي جو مظاهرو ۽ ان سان گڏ ئي جشن آزادي ??شاعرو پڻ منعقد ٿيندو. ان کان اڳ 13 آگسٽ تي ئي صبح 11 وڳي 15 چوڪ کان ڀون چوڪ تائين آزادي ڏه??ڙو ريلي منعقد ڪئي ويندي جڏهن ته 13 ۽ 14 آگسٽ تي ڪٻڊي ۽ والي بال جي مئچز تي ٻڌل اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرايو ويندو. اي ڊي سي روينيو چيو ته 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏه??ڙي جي صبح ضلعي انتظاميا جي اهتمام هيٺ پرچم ڪشائي جي عاليشان مرڪزي تقريب 8 لڳي 58 منٽن تي منعقد ڪئي ويندي.