اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪ??دي چيو آهي ته ان قدم سان هزارين پاڪستاني حاجي س??ورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مستقبل ۾ ان جو دائرو ملڪ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي قيادت ۾ ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ٽيم سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي ڊپارٽمينٽ آف دي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي منصور شاهد ايس الطائيبي به موجود هو?? سعودي وفد جي آجيان ڪ??دي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف گڏيل آهي، هن چيو ته ٻئي ملڪ وقت جي لاهن چاڙهن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، وزيراعظم روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪ??دي چيو ته ان قدم تحت هزارين پاڪستاني حاجي س??ورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته ”روڊ ٽو مڪه“ قدم مستقبل ۾ پاڪستان جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو?? سعودي سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ”روڊ ٽو مڪه“ قدم جو مقصد سعودي اميگريشن ۽ ڪسٽم ب??بت رسمي ڪاررواين کي حج لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ مڪمل ڪرڻ آهي?? سعودي سفير چيو ته سعودي ٽيم اهڙن حاجي س??ورن جي ملڪ کان روانگي کان اڳ انهن جي سهولت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي.