انقره – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ٽن ڏينهن جي ??رڪاري دوري تي ترڪيءَ پهچي ويو. انقره ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ سندس وفد جو ترڪ دفاع واري وزير ۽ اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، خاص معاون طارق فاطمي ۽ فهد حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز ش??يف جو ترڪي??َ جو هي پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? پڻ ترڪيءَ پهچندو. دوري (31 مئي کان 2 جون 2022ع) دوران وزيراعظم شهباز ش??يف جي ??در رجب طيب اردوان سان نويڪلائي (ون آن ون) ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي ??طح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪي??َ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ صحافين کي گڏيل خطاب پڻ ڪندا. صدر اردوان وزيراعظم جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي??َ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه پڻ ملهائي پئي وڃي. دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز ش??يف گڏيل طور تي يادگاري نشان پڻ جاري ڪندا جيڪو ترڪيءَ پاڪستان جي وچ ۾ غيرمعمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي. ترڪي??َ جا پرڏيهي معاملا، واپار ۽ صحت وارا وزير پڻ دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات ڪندا. وزيراعظم ترڪي??َ جي ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي??َ جي ڪاروباري برادري جي نمائنده تنظيم يونين آف چيمبرز ڪميوڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. وزيراعظم پاڪستان ترڪيءَ بزنس ڪائونسل فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن جو اهتمام ترڪ پرڏيهي معاشي لاڳاپا بورڊ (ڊي اي آئي ڪي) جي ??صيداري سان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم انهن تقريبن دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ترڪ ڪمپنين جي ??وصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي??َ جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ناليواريون پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون پڻ منعقد ٿينديون.