اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي جي ??هر پاڪستان ۾ ئي نه پوري دنيا ۾ آهي، پاڪستان هن وقت به ??ستو ملڪ آهي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ تمام وڏي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ٽيڪس اوڳاڙي وڌي ته پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي سستي ڪري ڇڏي، 2 ڪروڙ خاندان احساس رعايت راشن اسڪيم ما?? فائدو کڻندا، رجسٽرڊ ماڻهن کي اٽو، گيهه ۽ داليون 30 سيڪڙو سستيون ملنديون، ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، هلندڙ مهيني جي آخر تائين سنڌ کانسواءِ هر صوبي ۾ هيلٿ انشورنس جي سهولت ملي ويندي، ڪمزور طبقن کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس رعايت راشن اسڪيم جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته انسانيت جو درد رکندڙ شخص ئي فلاحي ڪم ڪري سگهي ٿو، انسانيت جي خدمت الله تعاليٰ کي تمام گهڻي پسند آهي، موجوده حڪومت ملڪ جي تاريخ جو تمام وڏو احساس پروگرام شروع ڪيو آهي جيڪو مديني جي رياست جي روڊ ميپ جو حصو آهي، رياست جي ذميداري آهي ته جيڪو طبقو ترقي ۾ پٺتي رهجي ??يو آهي ان کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، مديني جي رياست جو بنياد قانون جي بالادستي، هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ ۽ ما??ياز کي قانون جي ??اتحت بڻائڻ تي رکيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري دنيا ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي، لاڪ ڊائون جي ڪري ڪاروبار بند ٿي ويا، آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به ??ريبن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙيدار ۽ مزدورن جي آمدني بند ٿي وئي هئي، ان وقت اسان احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن جي ??الي مدد ڪئي، عالمي بئنڪ به ??حساس پروگرام کي دنيا ۾ ٽن چئن وڏن پوگرامن ۾ شمار ڪيو آهي. اڪانومسٽ جي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي حڪومت نه رڳو معيشت کي سهارو ڏنو پر ماڻهن کي به ڪورونا جي اثرن کان بچائي رکيو، وزيراعظم چيو ته احساس پروگرام جو 98 سيڪڙو پئسو عورتن کي ملي رهيو آهي، عورتن جي حقن جون هتي وڏيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، جيستائين ڇوڪرين کي تعليم نٿي ڏني وڃي ۽ مائرن کي مدد نٿي ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي ??ارن کي تعليم ڏياري سگهن، تيستائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، تعليم سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي، پڙهيل لکيل ماءُ ئي سڄي خاندان کي اڳتي وٺي هلندي آهي، وزيراعظم چيو ته اسڪولن ما?? جيڪي ٻار ٻاهر آهن اهو هڪ وڏو الميو آهي، ماضي ۾ اهڙي طرح ڌيان نه ڏنو ويو، هاڻي اسڪولن ۾ داخلا لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي وظيفا ڏنا پيا وڃن ج??هن ته ڇوڪرين کي ڇوڪرن کان وڌيڪ وظيفو ملندو آهي ته جيئن هي تعليم طرف متوجهه ٿين، هن چيو ته خوراڪ جي کوٽ جي ڪري ٻارن جي صحيح پروش ۽ واڌ ويجهه نٿي ٿئي، ان تي به ??ڳ ۾ ڪنهن ڌيان نه ڏنو، هاڻي اسان هر ضلعي ۾ اها اسڪيم شروع ڪري رهيا آهيون، جيئن جيئن ٽيڪس وصولي وڌندي فنڊز به و??ي ويندا، جيڪ??هن ٽيڪس وصولي نه و??ي ها ته پيٽرول ۽ ڊيزل 10 روپيا ۽ بجلي 5 روپيا سستي نه ڏئي سگهون ها، اسان جي ??وري ڪوشش آهي ته ٽيڪس وصولي ۾ اضافو ٿئي ته ڪمزور طبقي تي اڃان وڌيڪ خرچ ڪريون، ماءُ ۽ ٻار کي پوري خوراڪ ملڻ گهرجي ته جيئن اهي صحتمند رهن، وزيراعظم چيو ته احساس راشن پروگرام جو مقصد اهو آهي ته غربت جي اثرن کان ماڻهن کي محفوظ رکي سگهجي، صرف پاڪستان ۾ ئي نه پر پوري دنيا ۾ مهانگائي جي ??هر آهي، پاڪستان هن وقت سستو ملڪ آهي، گڏيل عرب امارات ۽ دبئي جتان تيل نڪري ٿو ان جي ڀيٽ ۾ به ??سان سستو ڊيزل ۽ پيٽرول ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول جي ??يمت ننڍي کنڊ ۾ سڀني کان گهٽ آهي، ڊيزل ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سان ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌي ويندا آهن ان سان مهانگائي ٿيندي آهي، موجوده حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ تمام وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، 2 ڪروڙ خاندان احساس راشن اسڪيم ما?? فائدو کڻندا، رجسٽرڊ ماڻهن کي ڪريانه اسٽور ۽ يوٽيلٽي اسٽورز تان گيهه، داليون 30 سيڪڙو سستيون ملنديون ۽ ان سان مهانگائي جو بار گهٽ ٿيندو. وزيراعظم چيو ته هليٿ ڪارد به هڪ تمام وڏو منصوبو آهي، سنڌ کانسواءِ هر صوبي ۾ هلندڙ مهيني جي آخر تائين هر خاندان کي 10 لک روپين جي ??ليٿ انشورنس ملندي ۽ غريب خاندان پرائيويٽ اسپتالن سميت ڪنهن به ??سپتال ما?? علاج ڪرائي سگهن ٿا، هڪ نجي اسپتال ۾ هيلٿ ڪارڊ تي هارٽ ٽرانسپلانٽ به ڪيو ويو آهي، امير ملڪن ۾ به ??ها سهولت ميسر نه آهي ۽ اهو ئي قدم مديني جي طرز تي فلاحي رياست جو آهي، سڄي دنيا ۾ فلاحي رياست جو تصور مديني جي رياست کان ورتو ويو آهي پر بدقسمتي سان تمام گهٽ مسلمان ملڪ ان طرح جي ??لاحي رياست لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن جي ??الي مدد تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.