ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمر??ن خان ٻي عالمي جنگ دوران جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ روسي فوجين جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. يادگار اچڻ تي ٻي عالمي جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ ??ي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا ۽ فوجي دستي مارچ پاسٽ ڪندي وزي??اع??م کي سلامي پيش ڪئي. يادگار ڪريملن جي ٻاهران اليگزينڊر باغ ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزي??اع??م جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزي??اع??م جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا.