اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري دوران چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتون ۽ وڏن سيڙپڪارن سان م??اقاتون ٿينديون. چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صن??تي يونٽس پاڪستان م??تقل ٿيندا، ان دوري سان پاڪ چين گهرن لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چئي، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جي اهم دوري تي روانو ٿي رهيو آ??ي. پنهنجي چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي چن پنگ سان م??اقات ڪندو. صدر شي چن پنگ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي اڳواڻ سان م??اقات ڪندو جيڪو وزيراعظم عمران خان هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري جو مقصد ونٽر اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ ان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جو خير سگالي جو جذبو پهچائڻ آهي، هن چيو ته ان م??قعي تي 20 ٻين مل??ن جا سربراهه به چين ۾ موجود هوندا. وزيراعظم جي چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتن سان م??اقاتون به ٿينديون. ان دوري کانپوءِ چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صن??تي يونٽس پاڪستان م??تقل ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان به ڌار ڌار ملاقاتن کانسواءِ چين جي وڏن سيڙپڪارن سان م??اقاتون به طئي آهن، اهو دورو هماليه کان اونچي ۽ بحيره عرب کان گهِري پاڪ چين لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.