بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? سان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سانگ ه??ليانگ ۽ پاور چائنا جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊنگ ين زانگ آن لائين ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستان جي توانائي جي شعبي بشمول قابل تجديد توانائي ۽ آب??اشي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت هئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص معاون خا??د منصور، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن آن لائين اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.