گوادر – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي، بيگم ثمينه علوي سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري ??ي گوادر پهچي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيا?? موجب گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو گوادر ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. قومي ا??يمبلي جو ڊپٽي ا??پيڪر قاسم خان سوري به ساڻس گڏ هو.