اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪ??ارن جي حل جي لا??ِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي، 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي گڏيل قو??ن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لا??ِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لا??ِ پاڪستان جي دوري تي آيل ملائيشيا جي پنهنجي هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڪئي جنهن وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري، دفاعي، تعليمي، سياحتي ۽ سائنسي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لا??ِ پرعزم آهي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هڪ جهڙائي خوش آئنده آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ لا??ِ سفري پابندين تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي جا ٿورا مڃيا.