اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته مولانا فضل ??لر??مان کي اهو مسئلو آهي ته سندس ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي، فضل ??لر??مان جو پاڪستاني پارلياماني سياست م ڪو ڪردار نه آهي، فضل ??لر??مان، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو ڪرپشن وڌائي سگهن ٿيون، ملڪ هلائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا فضل ??لر??مان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردع??ل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته فضل ??لر??مان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ وز??راعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجي سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي جي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، مولانا فضل ??لر??مان جيڪڏهن چونڊون کٽي وڃي ته صاف شفاف ۽ جيڪڏهن هارائي وڃي ته ڌانڌلي؟ فرخ حبيب چيو ته مولانا فضل ??لر??مان کي ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي وز??راعظم عمران خان جا ٿورا مڃڻ گهرجن. مملڪتي وز??ر چيو ته ان ڌانڌلي سٽيل نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وز??راعظم عمران خان سياست ۾ آيو آهي. هن چيو ته مولانا صاحب جيڪڏهن توهان ڌانڌلي کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته اي وي ايم طرف اچو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ٻيڻا ووٽ کڻنداسين. فرخ حبيب چيو ته جيڪي هر حڪومت ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا، ا??هي آر يا پار وارا بري طرح خوار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم جي نالي تي ذاتي مفادن جي تحفظ جي لاءِ انتشار پکيڙيندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا اڳتي به ناڪام ٿيندا. مملڪتي وز??ر چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عوام ۾ توهان جي پذيرائي ٻُڙي اهي. فرخ حبيب چيو ته مارچ جي ڌمڪي ڏيندڙ اڳ ۾ اهو ٻڌائين ته استعيفائون ڪٿي آهن؟ اهو کوکلو مارچ آهي، جنهن ۾ عوام جي ڪا نمائندگي نه هوندي.