اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم ک??ن روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي ??ڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ ??ڳڀ??ائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جم??ل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ ??ڳڀ??ائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم ک??ن روشناس ڪرايو وڃي.