اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذم??داريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ڪڌي ۽ انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي، ڀارت خطي ۾ پنهنجي سمورن پاڙيسرين جي خلاف جارحيت جو ڏوهاري آهي، عالمي برادري ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺندي سفارتي ۽ عالمي قانونن جي منافي رويي تي ڀارت جو گهيراءُ ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀا??ت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي متع??با??ي ۽ پرتشدد قدمن جو نشانو بڻائيندڙ آر ايس ايس بي جي پي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عملي تي بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي مهم شروع ڪري چڪي آهي، عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذم??داريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ناپاڪ ?? انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي.