اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊائون جي ا??رن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اسان کي پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪيل لاڪ ڊائون سبب پوري دنيا تي ا??ر پيا آهن، معيشت کي نقصان پهتو، اسان مستقبل ۾ ??ن جي ا??رن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن کي ا??تعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو اس??ن جي ايم??ن جو حصو آهي ته اسان ??لله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها اس??ن جي طاقت آهي، انهي طرح اس??ن جا نوجوان ??ه وڏي طاقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ??ن جو ڪنهن کي پتو نه آهي تنهن هوندي به اسان کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، اسان ??ن مقصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن کي ا??تعمال ۾ آڻينداسين.