اسلام آباد – 09 مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عورتن کي بااختيا?? بڻائي ئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون ٿا، ??نه?? کي اختيار نه آهي ته هو ڏنڊي يا پٿر جي ذريعي پنهنجو نظريو مڙهي، ميڊيا عورت مارچ تي مثبت ڪردار ادا ڪيو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ عورت مارچ جي حوالي س??ن ڳالهائي رهي هئي.