اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??گار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي گڏيل لاڳاپن کي تعاون کي و??ائي علمي معلوماتي ۽ صحافتي مٽاسٽا کي به فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو يو اي اي جي تعاون سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ قائم ڪيل بڪ پويلين جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي، يو اي اي جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النيهان جي نيشنل لائبريري اسلام آباد آمد تي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ منشيات جي خاتمي واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي سندس استقبال ڪيو، مهمان شخصيت سا?? گڏ يو اي اي جي تعاون سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ بڪ پويلين جو افتتاح ڪيو ويو.