سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين جمعي ڏينهن ڪارو ڏينهن م??ها??و جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ هو ته ڀارت انهن جي ملڪ تي غيرقانوني طور ۽ انهن جي خواهشن جي ابتڙ قبضو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران 5 آگ??ٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻجي مذمت جي لاءِ اڄ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ??ي غيرقانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ سينيئر اڳواڻن شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي تهاڙ جيل پاران جاري پنهنجي پيغامن ۾ ڪشميرين کي چيو هو ته اهي حريت ڪانفرنس ??ي ا??يل تي هڙتال ۽ ڪارو ڏينهن ملهائي دنيا کي هڪ واضح پيغام ڏين ته اهي ڀارتي قبضي کان آز??دي تائين سک سان نه ويهندا.