ميانوالي – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پاڪستان جي زر??عت تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿي، وڏيون ڪمپنيون ڪرپشن جي ڪري ملڪ ڇڏي هلي??ن ويون هيون، محنت ڪندڙ قومون ترقي ڪندي??ن آهن، جيڪي قومون تعليم تي ريسرچ ڪن ٿيون اهي اڳتي وڌن ٿيون، مديني جي رياست دنيا جي تاريخ جي پهرين فلاحي رياست ٺهي، جنهن جي حڪمرانن انسانن جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ميانوالي ۾ نمل ڪاليج يونيورسٽي جي ڇهين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.