اسلام آباد _ 09 جنوري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آئي سي) جو سيڪريٽري جن??ل حسين ابراهيم طح??ٰ (اڄ) جمعي تي اسلام آباد ۾ ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪندو. هو پاڪستان سميت مختلف او آئي سي ملڪن ??اءِ منصوبن جو اعلان ۽ او آئي سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن کي پڻ خطاب ڪندو. تقريب ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول ??ديقي، پرڏيهي سيڪريٽري، سفير، وائيس چانسلرز ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا.