اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي ??حويل ۾ قيدين جي فه??ستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب فه??ستن جي هڪ ئي وقت مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي ??حويل ۾ قيدين جي فه??ستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 س??يل??ن قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فه??ست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي ??والي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ پاڪستاني قيدين جي فه??ست پاڪستاني هاءِ ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فه??ست موجب ڀارت جي ??يلن ۾ مجموعي طور تي 462 پاڪستاني آهن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جدا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آزاد ڪ??ي ۽ وطن واپس موڪلي جن پنهنجي ??زا پوري ڪري ورتي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي ??صديق ٿي چڪي آهي. ترجمان پنهنجي ??يان ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين جي ??فاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. پاڪستان وڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي ??نگين جي 38 گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جي ??رخواست ڪئي آهي.