اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار محمد سليم خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي عهدو سنڀالڻ کان وٺي عدالتي ڪاررواين ۾ درپيش چئلينجز جي نشاندهي ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ??نص??ف جي شعبي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ذهن سازيءَ کي ترجيح ڏني آهي، جامع سڌارا جاتي ايجنڊا جو مقصد سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ، عالمي ??نص??ف جي انڊيڪس تي عدليه جي مقام کي بلند ڪرڻ آهي، هي سڌارا عدالتي عمل کي ڊجيٽل بڻائڻ، رسائيءَ کي بهتر بڻائڻ، طريقيڪار کي هموار ڪرڻ، احتساب کي يقيني بڻائڻ ۽ عدالتي ڪاررواين ۾ وڌيڪ شفافيت کي هٿي ڏيڻ تي ٻَڌل آهن. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن ناليواري ترقياتي ماهر شير شاهه سان گڏ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي مختلف سيڪشنز جي سربراهن سان هڪ انٽرا ايڪٽوسيشن جي موقعي تي ڪيو. سيشن دوران سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سليم خان شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. ترقياتي ماهر شير شاهه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڌارا نه صرف التوا هيٺ ڪيسن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا آهن پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ به آهن ته اصيلن کي وقت سر ۽ مؤثر ??نص??ف ملي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قانوني چاره جوئي ڪندڙ نظام ??نص??ف جا بنيادي اسٽيڪ هولڊرز آهن ۽ ??نص??ف لاءِ اداري جي عزم کي اجاگر ڪرڻ ۽ سافٽ اميج کي هٿي ڏيڻ لاءِ اصيلن سان انتهائي احترام سان پيش اچڻ گهرجي. هن چيو ته عوامي اعتما?? کي بحال ڪرڻ ۽ عدليه کي هڪ ڀروسي جوڳي اداري طور نمايان ڪرڻ لاءِ اصيلن لاءِ باعزت ۽ ??نص??ف ڀريو سلوڪ ضروري آهي ته جيئن هي ادارو ??نص??ف ۽ احترام جي علامت طور پنهنجي ڪردار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم رهي. سيشن ۾ سڌارن جي مُک شعبي آءِ ٽي سميت بنيادي ڍانچي ۾ ترقي، ڪيس مئنجمينٽ سسٽم ۾ بهتري، عملي لاءِ صلاحيت جي تعمير ۽ تربيتي پروگرامن جو تعارف، سپريم ڪورٽ جي آف??شل ويب سائٽ ??ي دستياب ”آن لائن فيڊ بيڪ فارم اسٽيڪ هولڊرز جي مصروفيت عدالتي سڌارا“ جاري ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هي پليٽ فارم عوام کي خدمتن جي فراهميءَ کي وڌائڻ ۽ بامعنيٰ مصروفيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ تجويزن ۽ بصيرت جي ڀائيواري ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو. فيڊ بيڪ فارم https://scp.gov.pk/Feedback.aspx تان حاصل ڪري سگهجي ٿو. آءِ ٽي ڊائريڪٽوريٽ چيف جسٽس جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ٿيل اڳڀرائي جي باري ۾ اپ ڊيٽس پڻ پيش ڪيون، جنهن ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي انضمام ۽ عدالتي عمل کي وڌيڪ رسائي جوڳو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ميڪنزم جي قيام تي روشني وڌي. اهي قدم انتظامي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ هڪ جوابده ۽ ڀروسي جوڳو ??نص??ف واري نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ عدليه جي عزم سان هم آهنگ آهي.