اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي ان ??اء?? تعليم تائين پهچ هر عورت جو شرعي ۽ معاشرتي حق آهي، اسان سڀني کي گڏجي عورتن کي تعليم جي زيور سان نوازڻ ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ جن جن چئلينجز جو کين مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي دُور ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم، چئلينجن ۽ موقعن جي حوالي سان عالمن ۽ مشائخن جي مشاورتي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عورتون معاشري ۾ مرڪزي حيثيت رک?? ٿيون، اهي مائرون، ڌيئرون، گهر واريون ۽ ڀينرون آهن. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم عورتن ??اء?? تعليم جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي، هڪ ماءُ طور هو پنهنجي ٻارن جي پهرين استاد هوندي آهي، هڪ تعليم يافته ماءُ پنهنجي ٻارن ۾ قدر، اخلاقيات ۽ علم جي محبت پيدا ڪري ٿي، معاشري جي مستقبل جي معمارن جي جوڙجڪ ڪري ٿي. چوڌري سالڪ حسين چيو ته نياڻين ۽ عورتن ??اء?? علم حاصل ڪرڻ شريعت جي مقصد ۽ عوامي مفاد جي هڪ گهرج پڻ آهي، تعليم عورتن کي معاشرتي ترقيءَ ۾ فعال طور حصو وجهڻ جي طاقت ڏئي ٿي. تعليم عورتن کي اقتصادي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ، پنهنجي حقن جي وڪالت ڪرڻ ۽ـ فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ ??اء?? تيار ڪري ٿي. اسلامي تاريخ ۾ عورتن جون مثالون اسان ??اء?? روشنيءَ جو ڪِرڻو آهن. اسلام جي واضح رهنمائي باوجود ڪيترن ئي مسلم معاشرن ۾ عورتن جي تعليم کي ثقافتي رڪاوٽن ۽ اقتصادي مسئلن، عدم تحفظ جهڙن چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو، هي چئلينجز اسلام ۾ موجود ناهن پر هي سماجي روايتن ۽ مذهبي تعليم جي غلط تشريح جو نتيجو آهي، ضروري آهي ته عورتن جي تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽن کي مُنهن ڏيڻ ??اء?? حڪمت ۽ اجتماعي ڪوششن کي اختيار ڪيو وڃي. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتون، ديني عالم ۽ ڪميونٽيءَ جا اڳواڻ گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ ??اء?? ڪم ڪن جتي نياڻين جي تعليم جي حاصلات ۾ محفوظ ۽ معاونت محسوس ڪن، ان ۾ اسڪالرشپ ۽ مالي امداد فراهم ڪرڻ، محفوظ ۽ قابل رسائي اسڪولن جو قيام، عورتن جي تعليم تي اسلامي نقطهءِ نظر جي باري ۾ آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ ثقافتي غلط فهمين جو مقابلو ڪرڻ ??اء?? مذهبي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ شامل آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي دؤر ۾ رهون پيا جتي ٽيڪنالاجي ۽ جديد ٽولز تعليم ??اء?? بي مثال موقعا فراهم ڪن ٿا. اِي لرننگ پليٽ فارمز، ڪميونٽي تي ٻَڌل منصوبا ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نياڻين جي تعليم ۾ بهتريءَ ??اء?? اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اسان کي انهن ٽولر جو ڀرپور استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر نياڻي چاهي اها ڪنهن به سماجي ۽ اقتصادي پسِ منظر سان تعلق رک??دي هجي معياري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري سگه??. ع??رتن جي تعليم صرف فرد جي ترقيءَ جو معاملو ناهي پر هي هڪ خوشحال ۽ هم آهنگ معاشري جو بنياد آهي، اچو اسان عهد ڪريون ته مسلم معاشرن ۾ نياڻين کي تعليم ذريعي بااختيار بڻائڻ ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اچو اسان غلط فهمين کي دُور ڪريون، رڪاوٽون ٽوڙيون ۽ هڪ روشن مستقبل ??اء?? راهه هموار ڪريون، جتي هر عورت معاشرتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ پنهنجو حصو وِجهي سگهي.