اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه اچڻ تي گهٽ آمدني ??ارن ملڪن مان صرف ڇهه 2050ع تائين وچولي ??رجي جي آمدني ??ارن ملڪن جي درجي تي پهچي سگهندا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي گلوبل اڪنامڪ پراسپيڪٽس رپورٽ جي حوالي ??ان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي. عالمي بئنڪ ??وج?? ايندڙ 25 سال دنيا جي 26 غريب ترين ملڪن لاءِ وچولي ??رجي جي آمدني تائين پهچڻ جي حوالي ??ان فيصلائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، انهن ملڪن ۾ سراسري ڏهاڙي آمدني 2.15 ڊالرن کان گهٽ آهي ۽ هي انتهائي غربت جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جو مرڪز آهن. تڪرارن، انساني بحرانن ۽ پائيدار گهٽ ترقيءَ سبب انهن ملڪن ۾ اؤسر جي شرح جمود جو شڪار آهي. 21هين صديءَ جي شروعات ۾ عالمي بئنڪ 63 ملڪن جي گهٽ آمدني ط??ر درجابندي ڪئي هئي، جن مان 39 ملڪ هاڻي وچولي ??رجي وارا آمدني ??ارا ملڪ بڻجي چڪا آهن، جن جي في ڪس سالياني آمدني 2023ع تائين 1145 ڊالر کان وڌيڪ هئي. باقي ملڪن ۾ اؤسر جمود جو شڪار آهي. انهن ملڪن جي في ڪس سالياني ??جموعي قومي پيداوار ۾ گذريل 15 سالن ۾ سالياني سراسري 0.1 سيڪڙو کان گهٽ شرح سان وڌي آهي. عالمي بئنڪ مطابق جيڪڏهن ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه آئي ته گهٽ آمدني ??ارن ملڪن مان صرف 6 2050ع تائين وچولي ??رجي جي آمدني ??ارن ملڪن شامل ٿي سگهندا. عالمي بئنڪ جي چيف اڪانومسٽ ۽ ترقياتي معاشيات بابت سينيئر نائب صدر اندرمت گل ٻُڌايو ته ايندڙ 25 سالن ۾ غريب ترين ملڪن لاءِ ترقي ۽ اؤسر جو هڪ اهم موقعو آهي، عالمي برادري، ترقياتي ڀائيوارن کي به ان حوالي ??ان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته گذريل 15 سالن ۾ انهن ملڪن جي في ڪس آمدني ۾ عملي ??ور تي ڪابه واڌ نه ٿي آهي. پر اوڀر، ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ٿوري پرڏيهي مدد ۽ بهتر ملڪي پاليسي سان جنگ ۽ عدم اتحڪام جا شڪار ملڪ به پائيدار اقتصادي ترقيءَ لاءِ حالتون پيدا ٿي سگهنديون.