قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپ?? جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش ج?? چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس جي وچ ۾ ڊي – 8 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ??لاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي اها ملاقات پاڪستان ۽ بنگلاديش ج?? وچ ۾ موجوده خيرسگالي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي حقيقي عڪاس آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي تعاون خاص طور تي ??اپار، عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ ثقافتي ??ٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي پاڪسدتان جي خواهش ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ خاص طور تي ڪيميڪلز، سيمنٽ ڪلينڪر، جراحي اوزارن، ليدر مصنوعات ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بنگلاديش ج?? وچ ۾ واپار ۽ سفر جي سهولت جي لاءِ تازن قدمن تي بنگلاديش جا ٿورا مڃيا جنهن ۾ پاڪستان مان ايندڙ سامان جي 100 سيڪڙو فزيڪل معائن?? جي شرط کي ختم ڪرڻ ۽ ڍاڪا ايئرپورٽ تي ??اڪستاني مسافرن جي جاچ پڙتال جي لاءِ قائم خصوصي سيڪيورٽي ڊيسڪ کي ختم ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم پاڪستاني ويزا جي درخواست ڏيندڙن جي لاءِ اضافي ڪليئرنس جي شرط ختم ڪرڻ تي ??ڻ بنگلاديش جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي ??ڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل دلچسپ?? جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وسيع ۽ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گڏيل طور تي ??ائديمند ترقياتي ??قصد حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي ??ڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻ عوام سان عوام جي رابطن ۽ ثقافتي ??ٽاسٽا جي اهميت کي تسليم ڪيو جنهن ۾ فنڪار، رانديگر، تعليمي ماهر ۽ شاگرد شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن بنگلاديش ج?? ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري ۽ پاڪستاني فنڪارن جي ڍاڪا ۾ ڪنسرٽ منعقد ڪرڻ تي ??ڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ڊي – 8 سميت مختلف گهڻ رخي فورمز تي تعاون وڌائڻ تي ??ڻ اتفاق ڪيو.