اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪ- سعودي ناتا گڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن، مسلم اُمت جي اتحاد ۽ جدي?? دؤر جي مسئلن تي گرينڊ مف??ي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي، تڪرار جي خاتمي، مسئلن تي ضابطو آڻڻ تي گرينڊ مف??ي مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت گڏيل ذميداري آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گرينڊ مف??ي شيخ عبدالعزيز بن عبدالله الشيخ سان ملاقات ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين گرينڊ مف??ي جو شڪريو ادا ڪندي سندن اسلامي دنيا لاءِ خدمتن، ڏُکيائين ۾ اسلامي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪاوشن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ناتاگڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن. هن مسلم اُمت جي اتحاد جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ سعودي عرب جي جدي?? دؤر جي چئلينجز سان گڏجي مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان تعليمي ۽ مذهبي شعبن ۾ سعودي عرب سان معاونت جو خواهشمند آهي. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت جي گڏيل ذميداري آهي. پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿ??. هن چيو ته پاڪستان بين العقائد ڊائلاگ، مف??همت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته برداشت ۽ صبر کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرينڊ مف??ي جون ڪاوشون تحسين لائق آهن. مذهبي تعليم ۽ ماهرن جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻي پوندي، گرينڊ مف??ي سان ملاقات وڏو اعزاز آهي. سينيٽ چيئرمين گرينڊ مف??ي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت به ڏني. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو عوام سعودي عرب جي گرينڊ مف??ي سان لڳاءُ رکي ٿ??، سعودي گرينڊ مف??ي جا جاري ڪيل فتويٰ نه صرف سعودي عرب پر پوري اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪن ٿا. مسلم اُمت جي اتحاد ۽ جدي?? دؤر جي مسئلن تي گرينڊ مف??ي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي.