لاهور – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ظهير عباس کوکر بار بار اليڪشن ٽربيونل کان تار??خو?? گهري اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ??ه عدالت کي ٻڌائي ته کانئس غلطي ٿي آهي، اڳ ۾ ڪ??س ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو انهن ??و ش??وو بڻجي چڪو آهي. پي ٽي آءِ جي ظهير عباس کوکر پاران پنهنجي خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ ڏنل درخواست ۾ تاريخ وٺڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ منهنجا وڪيل اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿيا، اسان جي وڪيلن جي مڪمل تياري هئي ۽ سمورا دستاويز به موجود هئا. هن چيو ته مخالف پارٽي وٽ ڪي به ثبوت نه هئا. وفاقي وزير چيو ته ظهير عباس کوکر عدالت کان فرار چاهي ٿو، انهي لاءِ عدالت کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪڏهن وٽس ثبوت موجود هئا ته ظهير عباس کوکر تاريخ ڇو گهري؟ ظهير عباس منهنجي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو آهي ته هاڻي منهن ڇو نه ڏئي رهيو آهي؟ هن چيو ته بار بار تار??خو?? گهري هي اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ??ه عدالت کي ٻڌائي ته کانئس غلطي ٿي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ڪ??س ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو پي ٽي آءِ جو ش??وو بڻجي چڪو آهي.