اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن وار?? ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪوريج لاءِ آيل پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن ايس سي او ميڊيا فيسليٽيشن سينٽر ۾ صحافين لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراهيو. ميڊيا جي نمائندن نالو ظاهر نه ڪرڻ تي چيو ته ??اڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي مختلف نيوز چينلز جي لائيو نيوز ڪوريج فراهم ڪندڙ موضوعاتي ترتيب، ڊجيٽل لائبريري، تيز رفتار انٽرنيٽ جي سهولت، ڪمپيوٽر ۽ پرنٽنگ جي سهولتن سميت يقني بڻائڻ لاءِ سٺي نموني منصوبه بندي ۽ ڪوريج جا انتظام ڪيا ويا هئا. هڪ پرڏيهي ميڊيا ليکڪ چيو ته ايس ايم ڊيز ۽ ڊجيٽل ميڊيا اسڪرينون ميمبر ملڪن جي بينرن کي سندن قومي يادگارن سان گڏ پيش ڪيو جن ميزبان ملڪ طرفان يڪجهتي جي گرمجوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ??ختلف ميمبر ملڪن جي ٽائم زونز سان ل??ل گهڙيال به پرڏيهي صحافين کي موقعي تي ٽائيم زون جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هڪ دلڪش نظارو هو. هڪ ٻئي صحافي تبص??و ڪيو ته اسٽوڊيو ۽ پو?? ڪاسٽ ڪيبن هڪ بهترين سهولت هئي ڇو ته ان مان ڪيترن ئي ماڻهن ايس سي او اپ ڊيٽس ري پو?? ڪاسٽ ۽ لائيو انٽرويوز رڪارڊ ڪيا. پرڏيهي صحافين افتتاحي ڏينهن ميوزيڪل نائيٽ کي خوب ساراهيو. شرڪت ڪندڙن کي فنگر فوڊ ۽ ريفريشمينٽ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ رننگ ڪيفي ٽيريا به قائم ڪيو ويو جنهن مان مقامي ۽ عالمي صحافي?? فائدو کنيو.