اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کان ان جو سخت نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آه??. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن اسرائيل هٿان لبنان جي معصوم شهرين جي قتلِ عام تي گهري ڏُک، افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطين ۽ لبنان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ??ي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ، فلسطين ۽ لبنان جي عوام سان مڪم?? يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته اسرائيل جا فلسطين ۽ يمن کانپوءِ لبنان تي جاري فضائي حملا خطي ۾ جنگي جنون جو چِٽو ثبوت آه??. اسرائيل جو جارحاڻو رويو نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آه??. هن چيو ته اسرائيل جي جنگي جنون خطي جي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وِجهي ڇڏيو آه??، فلسطين ۾ 42 هزار معصوم شهرين جي قتلِ عام باوجود اسرائيل جو جنگي جنون مڪمل ناهي ٿيو. اسرائيل جا هٿ فلسطين ۽ لبنان جي معصوم ٻارن ۽ بزرگن جي رت سان رڱيل آه??. هن چيو ته اسرائيل فلسطين کان پوءِ يمن ۽ لبنان تي حملا ڪري دنيا جي امن کي چئلينج ڪيو آه??، اسرائيل جو جنگبندي کان اِنڪار خطي کي جنگ جي ڌُٻڻ ۾ وِجهڻ جو چِٽو ثبوت آه??. اسپيڪر چيو ته اسرائيل جي ??اپ??ڪ مقصدن سان وچ اوڀر جي امن کي شديد خطرا درپيش آه??. نيتين ياهو جون گڏيل قومن جي فورم تي بيهي دنيا کي ڌمڪيون ڏيڻ ڳڻتي ۽ مذمت جوڳيون آه??. هن چيو ته مسلمان اُمت کي فلسطين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن خلاف پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پوندي. مسلمان اُمت کي اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اُٿارڻو پوندو. اسرائيل جي ??اپ??ڪ اِرادن کي نه روڪيو ويو ته اها جنگ پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي.