فيصل آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مٿاھين ۽ وچ وارن علائقن ۾ 26 سيپٽمبر کان پھرين آڪٽوبر تائين تيز ھوائن ۽گج ??وڙ سان برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ترجمان ٻڌايو آھي ته 25 سيپٽمبر جي رات کان گهم واريون ھوائون نار بنگال کان ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ ھڪ اولھه جي لھر 26 سيپٽمبر تي ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رھي آھي. جنھن سبب وقفي وقفي سان تيز ھوائن ۽ گج ??وڙ سان برسات جڏھن ته ان دوران ڪجھه ھن??ن تي تيز برسات جو پڻ امڪان آھي. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 26 سيپٽمبر جي شام ۽ پھرين آڪٽوبر تائين فيصل آباد ڊويزن جي چئني ضلعن فيصل آباد، جھنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگھه، چنيوٽ سميت اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، تلا گنگ، جھلم،منڊي بھاالدين،گجرات، گوجرانوالا، ل??ھو??، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد، وزير آباد جڏھن ته 27 سيپٽمبر جي رات کان پھرين آڪٽوبر دوران ساھيوال، ننڪانه صاحب، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، اوڪاڙه، پاڪپتڻ، قصور ۽ ڀڪر ۾ تيز ھوائن، طوفان ۽ گج ??وڙ سان گڏ برساتن جو امڪان آھي ھن چيو ته تيز برساتن سبب مري، گليات، منسھره، ڪوھستان، چترال، گلگت بلتستان، دير، سوات، شانگله، نوشھره، صوابي، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر پ??جاب ۽ ڪشمير جي مقامي ندي نالن ۾ پاڻي جي وھڪر ۾ اضافي جو امڪان آھي جڏھن ته تيز برسات سبب اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، ل??ھو??، شيخوپوره، قصور ۽ سيالڪوٽ جي ھيٺاھين علائقن ۾ شھري ٻوڏ اچي سگھي ٿي. ھن چيو ته طوفان اچڻ، جھڪ ھلڻ ۽ گج ??وڙ سبب روزمره جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر، ڀتين، بجلي جا ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين ۽ سولر پ??نل کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي. ھن چيو ته آبادگار موسمياتي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکي پنھنجا معاملا ترتيب ??ين. ان کانسواءِ مسافر ۽ سير تي ويندڙ ماڻھو سفر دوران وڌيڪ محتاط رھن ۽ موسمي حالتن مطابق پنھنجي سفر جو انتظام ڪن جڏھن ته تيز برساتن دوران ڪنھن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ موسم بابت آگاھي حاصل ڪن.