راولپنڊي – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪ?? فورس منشيات اسمگلنگ خلاف 11 ڪارر??ائ??ن ۾ 32 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري عورت سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هي??ڪوارٽر راولپنڊي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارر??ائ??ون ڪيون ويون. جنهن ۾ راولپنڊي ۾ لاله زار روڊ تي 2 ڪارر??ائ??ن دوران يونيورسٽي ويجهو 69 گرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو مسافر وين ۾ سوار عورت کان 2.4 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتو. اٽڪ ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار کان 50 گرام، فيصل آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار جي قبضي مان 600 گرام آئيس هٿ ڪئي وئي. شاڳئي شهر جي ڪاليج ويجهو جوابدار کان 300 گرام چرس ۽ 200 گرام آئيس هٿ ڪئي. ڪوئيٽا ۾ شهباز چوڪ ويجهو جوابدار جي قبضي مان 940 گرام چرس ه?? ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڪينال روڊ لاهور تي جوابدار جي قبضي مان 1 ڪلو 40 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان بحرين موڪلڻ لاءِ تيار پارسل مان 450 گرام آئيس هٿ ڪئي. لاهور ۾ والٽن روڊ تي جوابدار کان 360 گرام هيروئن هٿ. ڄامشورو بس اسٽاپ ويجهو جوابدار کان 9 ڪلو گرام چرس ه?? ڪيو ويو. ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.