اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهلي هاءِ ڪورٽ پاران ڪشمي??ي عوام جي حقن جي وڪالت ڪندڙ ڪيترين ئي سياسي پارٽين تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي فيصلي کي برقرار رکڻ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي ??ڪومت پاران مقامي سياسي پارٽين تي پابندي ڪشمي??ي عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي بي ??گا?? مهم جو حصو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي حقن جي وڪالت ڪندڙ پارٽين کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪمٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت خاموش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو قانون ڪشمي??ي عوام تي ڏاڍ جي هڪ هٿيار جي طور تي ??يزي سان استعمال ٿي رهيو آهي. ترجمان چيو ته انهن ڪاررواين کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ڀارتي ??دليه جو ڪردار ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائز سياسي آوازن کي دٻائڻ جي منظوري ڏيندڙ تازن فيصلن کانپوءِ سامهون آيو آهي، گذريل سال ڀارتي ??پريم ڪورٽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين کي برقرار رکيو ويو هو. ترجمان ڀارت تي ??ور ڏنو ته هو سمورين سياسي پارٽين تي پابندي هٽائي جيڪي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏنيون ويون آهن، ڪشمي??ي عوام جي حقن ۽ آزادين جو احترامڪ ري، سمورن سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ??ملدرآمد ڪري.