اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائيلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي قابض فوج پاران بي گهر ماڻهن جي لاءِ پا?? ان جڳهه کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي ??نساني قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ۾ قتل عام انساني زندگي جي ب?? توقيري ۽ ??لس??يني عوام جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪش??ءَ جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي ??نساني قانون جي سنگين خلاف ورزي کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ انساني همدرد??ءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي ??لس??يني عوام جي خلاف نسل ڪش??ءَ جي مهم جاري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده بڻائي.