مسقط / اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ گادي واري شهر مسقط ۾ ٻطرفي س??اسي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي س??ڪريٽري (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ اومان جي پرڏيهي وزارت ۾ جي س?? سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ ??ي سربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي. ڌرين پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي س??ورن ??خن بشمول سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافت، صحت ۽ قونصلر معاملن جو جامع جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ اومان تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل وزارتي ڪميشن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ڌرين اسلام آباد ۾ جلد کان جلد ايندڙ اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اومان کي خصوصي س??ڙپڪاري س??ولت ڪائونسل تحت زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي. اومان جي وفد 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي مسقط ۾ ٿيندڙ پهرين پاڪستاني بزنس ايڪسپو جي لاءِ حمايت جو اظهار ڪيو.