اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊه ۾ ڀارتي فوجين جي هٿان چار ڪشميري نوجوانن جي قتل ج?? شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض عملدارن جي اها وحشياڻي ڪارروائي ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي غيرقانوني ۽ جابراڻي ڪاررواين جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته ??سان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته ??ها ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن ??وج?? ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حلجي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.