اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ليامينٽ هائوس ۾ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون، انصاف ۽ پا??لياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان پي??لز??ارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سيد ن??يد قمر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پا??ٽين سان تعلق رکندڙ پا??ليامينٽ ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پا??ليامينٽ هائوس جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي اسماعيل هنيه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي آزادي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ پڻ خص??صي دعا ڪئي وئي.