اسلام آباد – 11 – جول??ئي (اي پي پي) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو پاڪستان جي دوري جي م??قعي تي اسلام آباد اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي م????يا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي فض??ئي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي آذربائيجان جي صدر جي جهاز کي پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن حفاظتي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. آذربائيجان جي صدر جي جهاز کي پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ جهاز اسلام آباد تائين حفاظتي گهيري ۾ وٺي آيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي آذربائيجان جو صدر پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي.