اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سي??يٽ?? محمد اسحاق ڊار نئين جوڙيل سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفن?? ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ ان جي ترجيحن خاص طور تي اسٽريٽجڪ، روايتي ۽ علائقائي حص??دارن سان گڏوگڏ گهڻ رخي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او، ڊي – 8 ۽ ٻي?? سان اعليٰ سطحي رابطن جي ڏس ۾ تفصيلي بريفن?? ڏنين. نائب وزيراعظم ڪميٽي جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ۽ انهن کي حاصل ڪيل اهم هدفن سميت اقتصادي ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري کان آگاهه ڪيو.