لاهور – 10 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف قصور ۾ لڪي مروت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ڪيپٽن محمد فراز الياس جي ميت کي ڪلهو پڻ ڏنو. جنازي نماز ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انسپيڪٽر جنرل پنجاب سميت ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? بعد ۾ ڪيپٽن فراز الياس شهيد جي پونئيرن تعزيت جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف شهيد جي ڳوٺ کي ماڊل وليج بڻائڻ جو اعلان ڪندي ڳوٺ کي فراز الياس شهيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزير??عظ?? شهباز شريف چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فرزندن تي فخر آهي، بزدل دهشتگرد امن قائم ڪرڻ جي اسان جي ??زم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. وزير??عظ?? چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن ڪنه?? کي اهو عظيم مقام بخشي ٿو، قرآن مجيد ۾ فرمان آهي ته شهيد کي مرده نه چئو، اهي زندهه آهن، شهيد ڪيپٽن فراز الياس پنهنجي خاندان جي مغفرت جو سبب بڻجندا. هن چيو ته پاڪ فوج جي هزارين جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا، آئون يقين ڏياريان ٿو ته شهيد جي عظيم قرباني رائيگان نه ويندي، شهيد جو رت ضرور رنگ لائيندو. محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي خاطر جان ڏيندڙن جي قراني?? کي وساري نه ٿو سگهجي، پاڪ زمين تان دهشتگرد?? کي ختم ڪري ئي سک جو ساهه ??ڻنداسين. بعد ۾ لڪي مروت حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس جي مڪمل فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي. وزير??عظ?? شهيد جي قبر تي حاضري ڀر??، فاتحه خواني ڪئي، قبر تي گل چاڙهيا ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. قصور جي ڳوٺ راءِ ڪلان سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي شهيد ڪيپٽن محمد فراز الياس لڪي مروت ويجهو فرضن جي ادائيگي دوران آءِ اي ڊي حملي ۾ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي.