اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن ??ي دوري تي اس??ام آباد پهچي ويو. اس??ام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سندس آج??ان ڪئي. ايراني صدر سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي اس??ريٽجڪ ايجنڊا پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.