اسلام آباد -17 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ نا??ي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي، ته مالياتي استحڪام، توانائي ۽ ايس او ايز ۾ سڌارن جي عمل ۾ پاڪستان سان رابطا جاري رکنداسين. عالمي مالياتي استحڪام رپورٽ 2024ع جي جاري ٿيڻ جي موقعي تي پريس بريفنگ دوران آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ميرالوئس چيو ، ته پاڪستان ۾ نا??ي واڌ تي ضابطي لاءِ گذريل 3 سالن کان پاليسين کي سخت رکيو ويو آهي. پاڪستان ۾ نا??ي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي آهي، جڏهن ته ان حوال?? سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف جو عملو ان حوال?? سان پاڪستان سان رابطا جاري رکندو.