اسلام آبا?? – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي لاءِ عالمي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميش?? ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن شرڪت ڪئي ۽ تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي ترقي ۾ انفارميش?? ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار آهي، انفارميش?? ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي م??جو??ه وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي لاڳو ٿيڻ سان معيشت جي هر شعبي ۾ جدت کڻي اينداسين، ن??جو??نن کي انفارميش?? ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ م??جو??ه دور جي گهرجن سان هم آهنگ علم ۽ هنر جي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميش?? ٽيڪنالاجي شعبي جي سڌ??رن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين پهچ ۾ اضافو، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، ن??جو??نن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد جهانزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود خان، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي.