برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي و??ير?? ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي زراعت ۽ انساني ص??ت س??يت س??ورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان ج?? تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو عزم ڪيو. هنن ائٽمي توانائي جي استعمال جي ذريعي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان زراعت س??يت ائٽمي ايپلي ڪيشنز ۾ ڪاميابي سان تعاون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان سان ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي تياري کان آگاهه ڪيو.