اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چ??و آ??ي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي س??اس??، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي روڪڻ جي لاءِ ڀارت جي مهم زورن تي آهي. هن چيو ته 10 فيبروري تي ڀارت جي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آءِ اي) مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي ڪشمير جي 15 ملڪيتن تي ڪيترائي ڇاپا هنيا ۽ اهي ڇاپا ڪشميري س??اس?? تنظيمن جي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جو حصو هئا. ترجمان چيو ته جماعت اسلامي انهن 6 س??اس?? تنظيمن مان هڪ آهي جن تي ڀارت اڳ ۾ ئي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته هو ڪشميري س??اس?? ڪارڪنن ۽ پارٽين کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو بند ڪري. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي ورجايو ته سم??رن ڪشميري س??اس?? قيدين ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪ??و وڃي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جي قابل بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي س??اس??، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.