اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته اسان کي هر فورم تي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو ۽ انهن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي دنيا آڏو آڻڻو پوند?? ته جيئن دنيا کي خبر پئجي سگهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جا ماڻهو ڪهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ڊائري??ٽو??يٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ا??تمام هيٺ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد ڊيجيٽل فوٽوگرافي ا??نڊ پينٽنگز نمائش ۾ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد وڌيڪ چي?? ته 5 فيبروري جي ڏينهن جي ا??ميت کان اسان سڀ ماڻهو واقف آهيون ۽ اسان کي گهرجي ته ان ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهايون ته جيئن دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪري سگهجي. هن چي?? ته ڀارت جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ڪشمير جي ماڻهن کي ڪشمير مان بيدخل ڪيو وڃي ۽ اتي هندوئن کي آباد ڪيو وڃي ته جيئن جڏهن به ريفرنڊم ٿئي ته ان کي ا?? جا گهربل نتيجا ميسر هجن. هن چي?? ته اسان کي ڪشمير ۾ هندو آبادڪاري جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻو پوند?? ته جيئن ڀارت پنهنجي ا??هن ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿئي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي ڊائري??ٽو??يٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ثمينه فرزين شيخ چي?? ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿو ٿئي پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چي?? ته اسان جي دل ??شميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ اسان هر سطح ۽ هر فورم تي ا??هن جي حق ۾ آواز اٿاريندا رهنداسين. تقريب ۾ ڊائري??ٽو??يٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪشمير بابت تيار ڪيل ملي نغمو ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي تيار ڪيل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملي نغمو پيش ??يو ۽ تقريرون پڻ ڪيون.