اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گهرو وزارت ۾ نئين ويز?? نظام جو افتتا?? ڪري ڇڏيو. هن گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي به موجود هو. گهرو وزارت جي عملدارن نگران وزيراعظم کي نئين ويز?? نظام بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته نئين ويز?? نظام تحت بزنس مينز کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ويزا جاري ڪيا ويندا ۽ ان مقصد جي لاءِ گهٽ کان گهٽ دستاويز گهربل هوندا. ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ??يو آهي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي فروغ ملي. نگران وزيراعظم گهرو وزارت پاران نئين ويز?? نظام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. نگران گهرو وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته نادرا جي تعاون سان گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر قائم ڪيو ??يو آهي.