اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ايپڪ?? ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اع??ما?? جو اظهار ڪيو ۽ ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو آهي، ايپڪ?? ڪميٽي زراعت/ چُوپائي مال، کاڻين ج?? کوٽائي/معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گذريل حڪومت جي منظور ڪيل منصوبن ج?? پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قدمن تحت مثبت تحرڪ جاري رکڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي جي چوٿين ايپڪ?? ڪميٽي جو نگران حڪومت جي قيادت ۾ پهريون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي ڪابينا، وڏن وزيرن، صوبائي وزير?? ۽ ??عليٰ سطح جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا ايس آئي ايف سي جي قدمن ج?? مڪمل جائزو ورتو جنهن ۾ اهم شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ اهڙي طرح تمام گهٽ وقت ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيون شامل آهن. وزيراعظم ڀرپور هم آهنگي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ حصيداري ”پورو حڪومتي موقف“ جي ذريعي ايس آئي ايف سي جي موثر ڪم کي ساراهيو. ايپڪ?? ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي عالمي سطح تي پهچ حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ ڀائر/ دوست ملڪن سان جاري مصروفيتن کي ساراهيو جنهن ۾ سعدوي عرب ۽ اسلامڪ آرگنائيزيشن فار فوڊ سيڪيورٽي (آئي او ايف سي) جي اعليٰ سطحي وفدن جا نتيجاخيز دورا شامل آهن. ايپڪ?? ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اع??ما?? جو اظهار ڪيو ۽ ملڪي معيشت جي بحالي طرف مثبت رفتار کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. ايپڪ?? ڪميٽي زراعت/ چُوپائي مال، کاڻين ج?? کوٽائي/ معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ گذريل حڪومت جي منظور ڪيل منصوبن ج?? پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايس آئي ايف سي جي ذريعي پهرين کان حاصل ڪيل سازگار ماحول جو فائدو کڻندي نشاندهي ڪيل منصوبن ج?? تڪميل ۾ تيزي آندي وڃي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪي معيشت جي بحالي ۽ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ پاليسين ج?? تسلسل جي لاءِ نگران حڪومت سان پاڪ فوج جي هر ممڪن تعاون ج?? عزم ظاهر ڪيو.