اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 13 جولاءِ تي ڪڇي ڪينال، سوئي بلوچستان ۾ حملي ۾ شه??د ٿيندڙ سپاهي محمد ناصر جي والد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شه??د کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شه??د جي ملڪ لاءِ خدمتن، فرض سان لڳاءُ ۽ حب الوطني کي سلام پيش ڪيو. صدر قوم پار??ن شهيد جي خاندان کي سلام پيش ڪيو ۽ ٿورا مڃيا. شه??د جي والد بکر ضلعي ۾ سرڪاري اسڪول جو نالو سپاهي محمد ناصر شه??د جي نالي تي رکڻ جي خواهش ??و اظهار ڪيو. صدر شه??د جي لاءِ بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.